ڏوريان ڏوريان مَ لهان

ڏوريان ڏوريان مَ لهان

ڏوريان ڏوريان مَ لهان

ڏوريان ڏوريان مَ لهان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر تاجل بيوس جي مختلف ڇپيل ڪتابن جو گڏيل مجموعو آهي. هن ڪتاب جو انتساب شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي ڪيو آهي، ٻه اکر تاجل بيوس پاڻ لکيا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ انعام شيخ لکيو آهي. هن مجموعي ۾ تاجل بيوس جا مختلف ڇپيل ڪتاب: ’جڏهن ڀونءِ بڻي‘، ’انبن جھليو ٻور‘، ’سرجيندڙ ساڻيهه جا‘، ’سنڌ منهنجي امان‘، ’ڪاڇي مٿان ڪونج‘، ’ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن‘، ’ڪنڌيءَ اڪ ڦولاريا‘، ’صحرا سترجن‘ ۽ ’تنهنجا نيڻ غزل‘ شامل آهن. هي ڪتاب 856 صفحن تي مشتمل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. هي ڪتاب تاجل بيوس اڪيڊميءَ جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ شاخ 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو